شاهپور جهانيان

شاهپور جهانيان: ضلعي نوابشاهه ۽ تعلقي دولتپور جو هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي. هيءُ شهر بخاري جهانيان سيدن جي ڪري مشهور آهي. مشهور شاعر ۽ فقير صفت سيد مهدي شاهه بخاري، سيد علي گل، سيد مقصود شاهه، سائين حسن شاهه جهانيان هن خاندان جا چشم چراغ هئا. هر سال سترهين رجب تي سندن وڏن بزرگن جو عرس ملهايو ويندو آهي. نيشنل هاءِ وي ۽ النور شگر مل جي ڪري واپار جو مرڪز آهي. سنڌ جو مشهور عالم مولانا محمد ادريس ڏاهري هتان جو آهي، سندس قائم ڪيل مدرسو ۽ لائبريري نهايت مشهور آهن. رئيس ڄام گلڻ خان ڏاهري ۽ حاجي مرحوم عبدالرزاق خان سيٺر ۽ ٻگهيا قبيلن جا ماڻهو زميندار ۽ چڱا مڙس آهن. شهر کي يونين ڪائونسل جي حيثيت حاصل آهي، تعليمي ادارا ۽ صحت گهر پڻ اٿس. شهر جو وڻج واپار ۽ واهپو موري شهر سان آهي.


لفظ شاهپور جهانيانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو